ڪوئيٽا (م ڊ) چمن ۾ پاڪ، افغان بارڊر باب دوستي تي واپاري سرگرميون بحال ڪيون ويون آهن، بلوچستان صوبي جي سرحدي شهر چمن ۾ پاڪ، افغان بارڊر باب دوستي تي واپاري سرگرميون بحال ٿي ويون آهن، ڊي سي چمن جمعدار مندوخيل مطابق اسپن بولدڪ تي طالبان جي قبضي بعد باب دوستي کي بند ڪيو ويو هو، پر هڪ ڀيرو ٻيهر باب دوستي کي واپار لاءِ کوليو ويو آهي، هن چيو ته پاڪ، افغان بارڊر باب دوستي ذريعي ٻه طرفو واپاري بحال ٿيڻ کانپوءِ افغانستان ۾ ڦاٿل وڏي تعداد ۾ خالي پاڪستاني ٽرڪون به واپس آنديون ويون آهن.