ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جا خواب ڏسندڙن کي عوام ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ته ڇا سڄي ملڪ ۾ رد ڪري ڇڏيندو، عوام کان جيئڻ جو حق کسيندڙ پي ٽي آءِ سرڪار جو چهرو سڀني جي سامهون وائکو ٿي چڪو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو هن وقت تبديلي جي نالي تي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيندڙ شرمسار آهن، ملڪ ۾ تبديلي جي نالي تي سليڪٽڊ، بدزبان، ڪوڙا ۽ عوام دشمن حڪمران مڙهيا ويا آهن. هن چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ کي اين ايف سي، پاڻي، بجلي، گئس ۽ ٻين حقن کان محروم رکيو آهي، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام ڌانڌلي جو مقابلو ڪندو، ڪنهن کي به ووٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو،