سوات (م ڊ) اترين علائقن ۾ سياحن جي رش وڌڻ سان مشڪلاتون به وڌي ويون، شاهراهه قراقرم تي لينڊ سلائيڊنگ سبب يامير ۾ تته پاني واري هنڌ سوين گاڏيون ڦاسي پيون، شاهراهه جو هڪ حصو تباهه ٿيڻ سبب اچ وڃ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿي ويون، ڪوهه مري ۽ ناران ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب سياح شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ڪيترن ئي سياحن روڊ تي رات گذاري، سوات ۾ سياحن سبب ڪيترن ئي علائقن جي پيٽرول پمپ تي ذخيرو ختم ٿي ويو، پيٽرول مافيا پيٽرول في ليٽر 700 رپيا ڪري ڇڏيو.