ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ڪورونا لاڪ ڊائون دوران شادي ڪاڄ ڪرڻ تان گرفتار ڪيل گھوٽ جي پيءُ ۽ چاچي  کي ذاتي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو، ڪالهه پوليس ٻنھي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته جوابدار ڪورونا لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪندي شادي تقريب ڪئي، جيڪو سزا جوڳو ڏوهه آھي، ٻنھي جوابدارن کي ذاتي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.