کهڙا (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ڀرسان 6 ڏينهن اڳ درگاھ پيرڪٽڪپال تان مبينا اغوا بعد روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهيل ناري روبينا اڄڻ واري مامري ۾ اڳڀرائي نه ٿي.ڪوٽڏجي پوليس ناري جي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ۽ لاش وارثن حوالي ڪرڻ بابت انڪوائري رپورٽ ڪوٽڏيجي عدالت ۾پيش ڪئي.عدالت ناري جو ڪنڊياري جي اسپتال ۾ پهرين پوسٽ مارٽم ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي روبينا اڄڻ جي ڀاءُ رب نواز اڄڻ پاران داخل ڪرايل درخواست اڪلائي ڇڏي. جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪوٽڏيجي جي عدالت وارثن کي ناري جي پوسٽ مارٽم ۽ لاش جي حوالگي لاءِ اعليٰ عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. روبينا اڄڻ جي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناري جي وارثن ۽ شهرين سبزي مارڪيٽ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب کهڙا اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ناري جي ڀاءُ مبين اڄڻ، مامي استاد بخش علي اڄڻ ، عامر انصاري، عدنان سومرو، راشد ناريجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته درگاھ پيرڪٽڪپال جي فقيراڻي شهزادي شيخ ۾ شڪ آهي ته ان کي جوابدارن جي باري ۾ ڄاڻ آهي، پوليس کيس گرفتار ڪري بااثر جي مداخلت تي آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار ڳولهڻ ۾ دلچسپي نه ٿي وٺي ۽ اسان جي نياڻي جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي، هنن گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ ڪنڊياري ۾ دفنايل ناري جي قبر ڪشائي ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ۽ ميڊيڪل ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو وڃي.