ڪنگنا، مودي حڪومت پاران تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ تي مايوس

0
191
ڪنگنا رناوت بالي ووڊ انڊسٽري کي پينو مافيا قرار ڏئي ڇڏيو
ڪنگنا رناوت بالي ووڊ انڊسٽري کي پينو مافيا قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت مودي حڪومت تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ جي فيصلي تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. ويجهر ۾ ڪنگنا رناوت مودي حڪومت جي تڪراري زرعي قانون کي واپس وٺڻ واري فيصلي تي راءِ ڏيندي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي

ڪنگنا انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ سوشل ميڊيا واهپييدار جي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ مودي حڪومت جي تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ جي فيصلي کي ساراهيندي چيو ويو هو ته ثابت ٿيو اسٽريٽ پاور واحد طاقت آهي جيڪا اهميت رکي ٿي، ڪنگنا ان واهپيدار جي پوسٽ تي ردعمل ڏيندي تڪراري زرعي قانون بابت حڪومتي فيصلي کي افسوسناڪ، شرمناڪ ۽ ناانصافي تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ چيو ته پارليامينٽ ۾ چونڊيل حڪومت نه بلڪ رستن تي ماڻهو قانون ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏين ته هي به جهادي قوم آهي. انهن تمام ماڻهن کي مبارڪ جيڪي ايئن پيا چاهين. واضح رهي ته مودي حڪومت گذريل هڪ سال کان ملڪ ۾ جاري هارين جي احتجاج اڳيان گوڏا کوڙيندي زرعي تڪراري قانون واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.