فلم انڊسٽري ۾ منهنجو آواز ئي منهنجي سڃاڻپ بڻيو: راني مکرجي

0
213

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا راني مکرجي چيو آهي ته فلم انڊسٽري ۾ منهنجو آواز ئي منهنجي سڃاڻپ بڻيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب راني مکرجي فلم انڊسٽري ۾ 25 سال مڪمل ڪرڻ جي موقعي تي هڪ انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪيريئر شروع ڪرڻ وقت وڏي قد واريون اداڪارائون ڇانيل هيون جڏهن ته سندن خوبصورتي جا به وڏا چرچا هئا

هن چيو ته منهنجو قد ننڍو هو ۽ خوبصورت به نه هيس پر مونکي منهنجي آواز جي ڪري ڀرپور موٽ ملي. هن چيو ته مداحن کانسواءِ ڪاميابي ناممڪن هجي ٿي ۽ آئون خوش نصيب آهيان ته مونکي سٺا مداح مليا جن جي ڪري آئون ڪامياب ٿي ويس. هن چيو ته فلم انڊسٽري ۾ 25 سال مڪمل ڪرڻ تي مداحن جو شڪريو ادا ڪريان ٿي.