پيرسن پاڪستاني لوهار عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

0
585
پيرسن پاڪستاني لوهار

نيويارڪ (دلچسپ نيوز) پيرسن پاڪستاني لوهار عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪراچي واسي لوهار نسيم الدين هڪ هٿ سان مٺ ۾ 18 صوف ٽوڙي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو آهي، گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ جي سالگرهه جي موقعي تي رڪارڊ ٽوڙڻ جا مقابلا جاري آهي پاڪستان ۾ ڪراچي واسي لوهار نسيم الدين کي مقابلي ۾ حصي وٺڻ جي اجازت ڏني وئي،70 ورهين جي پيرسن صوف ٽوڙڻ واري مقابلي ۾ انگلينڊ کي هارايو

نسيم الدين 45 سالن کان لوهه جا دروازا ۽ دريون ٺاهڻ وارو ڪم ڪندڙ آهي، انگلينڊ جي ڊوني بيڪسٽرهڪ منٽ ۾ 13 صوف ٽوڙي رڪارڊ ٺاهيوهو جڏهن ته نسيم الدين هڪ منٽ اندر 18 صوف ٽوڙي اهو رڪارڊ پنهنجي نالي تي ڪيو، گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ انتظاميا پيرسن جونالو شامل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو اعلان پڻ ويب سائيٽ تي ڪيو ويو آهي.