جنن ڀوتن سان منصوب ڪيل گهرن ۾ هڪ ڏينهن گذارڻ جا 40 هزار رپيا ملندا

0
469

بيجنگ(دلچسپ نيوز) جنن ڀوتن سان منصوب ڪيل گهرن ۾ هڪ ڏينهن گذارڻ جا 40 هزار رپيا ملندا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين ۾ ريئل اسٽيٽ ڪمپنين گهڻي مان گهڻا گهر وڪڻڻ لاءِ دلير ماڻهن جون خدمتون وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ريئل اسٽيٽ ڪمپنين جو چوڻ آهي ته اسان کي اهڙا بهادر نوجوان گهرجن جيڪي جنن ۽ ڀوتن جو خوف رکندڙ نه هجن اهي اسان سان رابطو ڪن

ريئل اسٽيٽ ڪمپنين موجب انهن نوجوان کي اهڙن گهرن ۾ ترسايو ويندو جيڪي جنن ۽ ڀوتن سان منصوب ڪيل هجڻ سبب وڪرو نٿا ٿين. سندن چوڻ آهي ته انهن نوجوانن کي ڪجهه ڏينهن گهرن ۾ رهڻ بعد حلفيا بيان ڏيئڻو پوندو ته کين اتي ڪابه شي نظر نه آئي. اهڙن نوجوانن کي هڪ ڏينهن جا 40 هزار رپيا معاوضو ڏنو ويندو ان سان گڏ کين ٽن وقتن جي ماني پڻ کارائي ويندي