چين ۾ جيترو چاهيو کائو، ريسٽورينٽ انتظاميا پيٽو شخص تي پابندي لڳائي ڇڏي

0
536
چين ۾ جيترو چاهيو کائو

بيجنگ(دلچسپ نيوز) جيترو چاهيو کائو، چين ۾ ريسٽورينٽ انتظاميا پيٽو شخص تي پابندي لڳائي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ جيترو چاهيو کائو نالي سان دلچسپ هوٽل هڪ پيٽو شخص ڪينگ کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان ريسٽورينٽ پاران مقرر خاص رقم ڀرڻ بعد ڏيڍ ڪلو سوئر جو گوشت ۽ 4 ڪلو جهينگا کائي ويو جنهن تي ريسٽورينٽ انتظاميا حيران ٿي وئي ۽ هن فوري طور مٿس پابندي لڳائي ڇڏي

ان حوالي سان ڪينگ ميڊياکي ٻڌايو ته ريسٽورينٽ انتظاميا جيترو چاهيو کائو لاءِ ڪوبه شرط ناهي رکيو ته پوءِ مون مٿان پابندي ڇو لڳائي. هن چيو ته آئون ته اڃان ان کان به وڌيڪ کائي سگهان ٿو، سويا کير جون 20 کان 30 بوتلون آرام سان پي ويندس. ڪينگ موجب کائڻ تي پابندي ناهي پر حد کان وڌيڪ کائڻ صحت لاءِ نقصانڪار آهي، کاڌو به ضايع ٿئي ٿو. واضح رهي ته چين جي حڪومت به کاڌي جي مقابلن ۾ حصو وٺندڙن مٿان پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن جو مقصد کاڌو ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ڄاڻايو پيو وڃي.