ڪنڌڪوٽ ٿاڻي مان فرار ٿيل جوابدار ٻيهر گرفتار

0
222

ڪنڌڪوٽ:پوليس ٿاڻي مان چرس جي ڪيس ۾ پڪڙيل جوابدار فرار ٿيڻ بعد بي سيڪشن پوليس جوابدار کي آر ڊي 45 واري علائقي مان گرفتار ڪري ورتو. ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي مان 3 ڏينهن اڳ چرس رکڻ جي ڪيس ۾ پڪڙيل جوابدار وقار پٽ ارباب شيخ فرار ٿي ويو هه. پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي سڀاڻي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جوابدار جي فرار ٿيڻ، ڊيوٽي ۾ غفلت جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي اي ايس آءِ انور چاچڙ،پوليس اهلڪار شير باز باجڪاڻي مٿان داخل ڪيو ويو هو.