ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو چاچڙ برادري جي قتل ٿي ويل 3 ڄڻن جو جنگڻ ٿاڻي تي عبدالماڪ چاچڙ جي فرياد تي سبزوئي ۽ جاگيراڻي گينگ جي 22 سڃاتل ۽ پنج اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيل ڪيس ۾ علي نواز، شان محمد، جيئل، غلام رسول، محمد نواز، علي محمد عرف ٽڪر، صابل عرف صابو، جاڳڻ، نورالدين، ڀورو، خادم حسين، فقير محمد، محمد امين، امداد سبزوئي، الياس، رانجو، مينگل، جيئند، گدرو، لکڻ، غلام حيدر جاگيراڻي ۽ پنچ اڻڄاتلن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڪيس داخل باوجود پوليس ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪي به سنجيده ڪوششون نه پئي ڪري. وارثن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.