ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ جيٺو بجير واسي ڳوٺاڻي پار خان ڪولهي، گهر واري شريمتي شانو ۽ زيادتي جو نشانو بڻيل نياڻي بيلان ڪولهي سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانيهندي چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ علائقيجي بااثرن هٿيارن جي زور تي گهر تي ڪاهه ڪري شادي شده نياڻي بيلا کي اغوا ڪري ويا، جنهن بعد کيس اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس بيهوشي جي حالت ۾ گهر اڳيان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، هنن چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ جوابدار ضمانت تي آزاد آهن، جيڪي اسان کي ٻيهر نياڻي اغوا ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، غيرمحفوظ آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيوو ڃي.