ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ محب خان جعفري ۾ عورت مسمات مٺل خاتون کي ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن بعد عورت جان بچائي مڙس سميت عدالت پهچي وئي. ان موقعي تي عورت دانهيندي چيو ته سندس جان کي خطرو آهي، هن ٻڌايو ته منهنجي مڙس جا ويجها عزيز صديق، صاحب، اربيلا، والو، مجو ۽ ٻيا مون کي ناحق ڪاري ڪري قتل ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڄاڻايل ماڻهن گهر اندر گهڙي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان وجهه وٺي گهران نڪري عدالت پهتي آهيان، هن مطالبو ڪيو ته قتل جي ڪوشش ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. بعد ۾ عورت ڪنڌڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ ڄاڻايل ماڻهن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي.