حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالتن منشيات ۽ بوگس چيڪ ڏيڻ جي ڌار ڌار ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد احسان خان دراني جي عدالت منشيات جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار طارق عزيز تنيو کي ساڍا 4 سال قيد ۽ 20 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ماڊل ٽرائل مئجسٽريٽ جڊيشل نمبر هڪ جي عدالت بوگس چيڪ ڏيڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار نجيب الرحمان کي 3 سال قيد ۽ 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالتي فيصلي موجب جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ 2 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. ساڳئين ڪيس ۾ عدالت هڪ جوابدار غلام محمد کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي.