ميرپورخاص (رپورٽر) ڪچي شراب ڪيس ۾ جوابدار تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ھڪ جوابدار کي 2 ڏينھن قيد ۽ 200 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، چرس ڪيس ۾ جوابدار کي 100 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ان ڏس ۾ تعلقي ٿاڻي تي قلم 3/4 ڪيس ۾ جوابدار علي حسن کي گرفتار ڪيو ويو. ٻئي پاسي غريب آباد ٿاڻي تي ھڪ ٻئي جوابدار علي حسن کي چرس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، جيڪي ڪيس سيڪنڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ھلندڙ ھئا، جتي ٻنھي جوابدارن ڏوهه قبول ڪندي پليڊ گلٽي جي درخواست داخل ڪرائي، جنھن بعد عدالت ھڪ جوابدار علي حسن کي شراب ڪيس ۾ 2 ڏينھن قيد ۽ 200 رپيا ڏنڊ ۽ ٻئي جوابدار علي حسن کي چرس ڪيس ۾ 100 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.