ميرپورخاص (رپورٽر) ڪوٽ غلام محمد واسڻ پيرسن عورت پٽ تي بااثرن پاران مبينا تشدد بعد ڌمڪيون ۽ سول اسپتال پاران ميڊيڪل سرٽيفيڪٽ نه ڏيڻ خلاف عدالت پھچي وئي. ان سلسلي ۾ ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ عالم خان کوسو واسڻ پيرسن عورت مسمات سبياڻي پاران وڪيل ساھر علي لغاري جي معرفت عدالت ۾ تحفظ جي درخواست ڏيندي موقف ڄاڻايو ته 2 مھينا اڳ منھنجي 30 ورھين جي پٽ علي حسن جي دوستن عابد شيخ ۽ محمد بخش عرف پيچو کوسو دعوت جي بھاني سان گھرائي تشدد جو نشانو بڻايو، سول اسپتال ۾ طبي امداد بعد لمس اسپتال ۾ ھڪ مھيني تائين داخل ھو ۽ دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ذھني توازن وڃائي ويٺو، جنھن بعد انھن جوابدار تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ويس ته پوليس ميڊيڪل سرٽيفيڪٽ گھريو، پر اسپتال جا باربار چڪر لڳائڻ باوجود سرٽيفيڪٽ نه پيو ڏنو وڃي ۽ بااثر پڻ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، تحفظ فراھم ڪيو وڃي، اھڙي درخواست تي ٻڌڻي بعد عدالت سول اسپتال ڪوٽ غلام محمد جي انتظاميا کي ميڊيڪل سرٽيفيڪٽ جاري ڪرڻ ۽ پوليس کي عورت کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.