ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مان عيد ڏهاڙي اغوا ٿي ويل عيد محمد ٽانوري جي بازيابي لاءِ سندس امڙ ۽ ٻيا وارث پاڪ ڪتاب ۽ نياڻيون ساڻ ڪري ڌاڙيلن وٽ ڪچي طرف ويا، مغوي جي امڙ جو چوڻ هو ته اسين پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي طرف وڃن ٿا، اميد آهي ته ڌاڙيل پاڪ ڪتاب ۽ نياڻين کي مان ڏئي اسان تي رحم کائيندا ۽ مغوي کي ڇڏي ڏيندا، هن چيو ته اسان کي نه پوليس ۾ اميد آهي ۽ نه ئي اسان کي چونڊيل نمائندن ۾ ڪو آسرو آهي، هن ڏوهارين کي اپيل ڪئي ته پاڪ ڪتاب جي محابي مغوي کي ڇڏيو وڃي.