ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان 14 ڏينهن اڳ  گم ٿيل فنڪشنل ليگ جي صوبائي فنانس سيڪريٽري سيد شفقت شاهه جو آرٽلري ميدان ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو. شفقت شاهه جي سهري سيد سردار علي شاهه موجب منهنجو ناٺي 14 اپريل تي آواري هوٽل ۾ افطار پارٽي ۾ شرڪت لاءِ گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو، منهنجي ڌيءَ پنهنجي مڙس شفقت شاهه سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس نمبر بند مليو، شفقت شاهه جي دوستن ٻڌايو ته هو افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد هوٽل مان ٻاهر نڪتو، منهنجي ناٺي کي پراڊو گاڏي سميت اغوا ڪيو ويو.