ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ گهنٽاگهر چوڪ ويجهو پرمانند جي ڪپڙي جي دڪان تي بيٽري ڦاٽڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ اشوڪ مارواڙي، رفاقت نصيراڻي، وزير نصيراڻي، عالم نصيراڻي ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان معصوم ٻار سميت 3 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڌماڪو ٿيڻ وقت وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا، جڏهن ته ڀرپاسي خوف هراس ڦهلجي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.