ٺل (ن پ ا) ٺل لڳ ٽريڪٽر ڊرائيور مبينا اغوا، وارثن جو احتجاجي مظاهرو. خبر موجب آرڊي 52 ٿاڻي جي حد ڳوٺ بدلو کوسو مان ھٿياربند ٽريڪٽر ڊرائيور اسلم کوسو کي مبينا اغوا ڪري ويا، وارثن موجب رات دير سان ٽريڪٽر ڊرائيور فون ڪري چيو ته گھر اچان ٿو پر هو نه پهتو، کيس رستي مان هٿياربندن اغوا ڪيو آهي. هنن چيو ته ڳڙھي حسن پوليس ۽ آرڊي 52 پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي مغوي جي بازيابي لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن مغوي جي وارثن عبدالله کوسو، شاهد کوسو، مقيم کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نصر الله چوڪ تي ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو،