ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ڀرسان محمود آباد اسٽيٽ وٽ چوڌري ڪبير جي زرعي زمين ۾ انب جي وڻ ھيٺ چوڌري مقصود آرائين جي رھواسڻ پرڻيل ناري 28 ورھين جي جيتي زال پرتاب ڪولھي جو لاش مليو. ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. ڪنري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي تحويل ۾ ورتو. پوليس لاش کي ايمبولينس جا مزدا ۾ کڻي وڃڻ بدران لوڊر رڪشا ۾ کڻائي تعلقي اسپتال ڪنري پھچايو. ھوڏانھن فوتي عورت جي وارثن مڙس تي قتل جو شڪ ظاھر ڪيو آھي. فوتي عورت جي ماءُ چوٿي ڪولھي، ڀائرن ويرم ۽ ڀورو ڪولھي الزام ھڻندي چيو ته فوتي عورت جو مڙس ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آھي. ڪجهه ڏينھن اڳ گھر آيو آھي. ھنن چيو ته جيتي پنھنجي مڙس جي موبائل جي سم لڪائي ھئي جنھن تان ھنن ۾ جھيڙو ٿيو ۽ گذريل ڏينھن عورت تي تشدد پڻ ڪيو هو. گذريل رات کان جيتي گم ھئي ۽ اسان پيرا کڻي نڪتل ھئاسين ته ڳولا ڪندي لاش مليو آھي. اسان کي شڪ آھي ته مڙس ھن کي گھٽا ڏئي ماريو آھي. علائقي ۾ چوٻول ھلندڙ آھن ته مڙس زال کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو آھي. واقعي بعد مڙس فرار ٿي ويو. فوتي عورت کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آھي. ھوڏانھن لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪئي وئي. ڊاڪٽرن موجب ابتدائي طور تي خبر ناهي پئجي سگھي ته عورت جو موت ڪئين ٿيو آھي؟ پوسٽ مارٽم ڪري جزا ورتا آھن رپورٽ اچڻ بعد معاملي جي خبر پوندي. ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آھي.