لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ نامعلوم ماڻهو عورت جو لاش ڦٽو ڪري فرار، بشيران خاتون کچي طور سڃاڻپ، لاش وارثن حوالي. خبر موجب ڪالهه صبح ڪجهه نامعلوم ماڻهو 38 سالن جي عورت کي وهيل چيئر تي کڻائي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، جتي ڊاڪٽرن پاران عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، اطلاع تي سول لائين ٿاڻي جي پوليس اسپتال پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي سندس وارثن جي ڳولا شروع ڪئي، جنهن بعد پوليس فوت ٿي ويل عورت جي وارثن جو پتو لڳائي ورتو، سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ گهوگهاري واسي عورت بشيران جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، فوتي عورت جي ماسات انور علي ٻڌايو ته عورت معدي جي تڪليف سبب هر هفتي اسپتال اچي دوا وٺندي هئي، ڪالهه ڳوٺ کان دوا وٺڻ لاءِ آئي ته فوت ٿي وئي، جنهن کي شهرين کڻائي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو هو.