ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ويجهو ڪارنهن الزام ۾ مڙس ساٿين سان گڏجي زال کي گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ بنا غسل ۽ ڪفن جي نامعلوم هنڌ دفن، پوليس مڙهه هٿ نه ڪري سگهي. خبر موجب ڪچي جي ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ ڳوٺ نصير تيغاڻي ۾ جوابدار مڙس پنهل تيغاڻي ساٿين سان گڏجي پنهنجي گهر واري مسمات (ص) کي ڪارنهن الزام مڙهي گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار پاران پنهنجي ئي برادري جي نوجوان زاهد تيغاڻي سان ڪارنهن الزام مڙھي پنهنجي گهر واري کي قتل ڪيو ويو، علائقي واسين موجب جوابدار ساٿين سان گڏجي پنهنجي گهر واري کي قتل ڪرڻ بعد عورت جو لاش بنا غسل ۽ ڪفن جي جهنگ ۾ نامعلوم هنڌ دفن ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن ناپرڪوٽ پوليس مقتول عورت جو لاش هٿ نه ڪري سگهي آهي، ايس ايڇ او ناپرڪوٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ بابت اطلاع مليو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، قتل ٿيل عورت جو لاش هٿ اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.