لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي وچ شهر جيلس بازار واري علائقي ۾ ڪراچي جي عبدالله ڳوٺ شاهه لطيف ٽائون واسڻ نوجوان ناري اقرا پوليس کي ڏسي دانهون ڪيون، جنهن دوران خلق گڏ ٿي وئي، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري ناري کي تحويل ۾ وٺي ساڻس گڏ آيل سهيل شيخ نالي همراهه کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ناري اقرا ٻڌايو ته سندس پيءُ غلام مصطفيٰ گهر ۾ تشدد جو نشانو بڻائي دڙڪا ڏيندو هو، جنهن 11 مهينا اڳ تشدد جو نشانو بڻائي کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو، ناري ٻڌايو ته پٺاڻ شيخ نالي همراهه مون کي پنهنجي ڀيڻ جي گهر وٺي وڃڻ جو چئي هڪ جڳهه ۾ وٺي نشو ڏئي بيهوش ڪري ڇڏيو ۽ صبح جي وقت هوش اچڻ تي هڪ ڳوٺ ۾ هئس جتي مون پٺاڻ شيخ کي هٿ ٻڌي ايلاز منٿون ڪيون پر هن منهنجي هڪ به نه ٻڌي. ناري ٻڌايو ته پٺاڻ شيخ چار ڏينهن اڳ زبردستي منهنجي شادي 2 لک 40 هزار رپين عيوض پنهنجي ڀاءُ دوست علي شيخ سان ڪرائي، جنهن تي مون انڪار ڪيو، جڏهن ته سونيون واليون پائڻ لاءِ سهيل شيخ سان گڏ شهر آيس جتي پوليس کي ڏسي رڙيون ڪيون، هن چيو ته مون پنهنجي پيءُ سان فون ذريعي رابطو ڪيو جنهن چيو ته تون تي مون پنج لک رپيا انعام رکيو آهي ۽ گهر پهچڻ تي تون کي قتل ڪري ڇڏيندس، تنهن ڪري آءُ پنهنجي گهر وڃڻ نه ٿي چاهيان، جڏهن ته دارلامان جون به حالتون بهتر نه آهن، جتي عورتن سان ظلم ٿيندو آهي، منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته محفوظ هنڌ تحفظ فراهم ڪري زندگي بچائي وڃي، بعد ۾ ڪراچي واسڻ ناري کي وومين پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب ناري کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.