ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو ڪنجھيجي موري جي ڳوٺ غلام رسول آرائين ۾ ڪولھي ۽ آرائين برادري جي ٻن ڌرين ۾ عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش جي مامري تان جھيڙو ٿي پيو. جنھن دوران ھڪ ڌر پاران فائرنگ ڪئي وئي. ڪھاڙيون ۽ خنجر لڳڻ سبب ڪولھي برادري جا چار ڄڻا شريمتي ڪيسري ، ڀورو، ڀيرو ۽ ويرم ڪولھي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو. اسپتال انتظاميا ٽن ڄڻن ڀيرو، ڀورو ۽ ويرم کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو. جتي ڀيرو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جھيڙي بعد زخمين جي وارثن وشنو ڪولھي، اجنان، ڌارو، جيڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بودرفارم روڊ کي بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين الزام ھڻندي ٻڌايو ته آرائين ڌر جي نوجوان پاران اسان جي گھر ۾ گھڙي عورت سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي. جنھن جي مزاحمت ڪرڻ تي جھيڙو ٿي پيو ۽ سامھون ڌر وارن مڇرجي اسان تي حملو ڪري ڏنو. مظاھرين الزام ھنيو ته سامھون ڌر وارن افتخار، محسن، حيدر، نديم، خالد سميت ٻين ماڻھن اسان جي گھرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي. خنجر ۽ ڪھاڙين جا سڌا وار ڪري اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو.. ھنن وس کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. پوليس پاران ڪولھي برادري جي فرياد تي اين سي داخل ڪئي وئي، گرفتاري عمل ۾ نه آئي.