ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ: علي غلام کوسو) ڪوٽ غلام محمد لڳ ميرپورخاص مين روڊ تي برکورو 86 بس اسٽاپ تي تيز رفتار رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 2 سڳا ڀائر طارق ولد رتي مئيو ۽ طاھر پٽ رتي مئيو فوت ٿي ويا. جڏهن ته رڪشا ۾ سوار سليمان خاصخيلي، نجمه خاصخيلي، ڪامران خاصخيلي، عبدالله ڀٽي ۽ سڪندر ڀٽي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال داخل ڪيو. فوت ٿيندڙ ٻئي سڳا ڀائر ھئا جيڪي صبح ڪوٽ غلام محمد جي منڊي ۾ آيا ھئا، جڏھن ته رڪشا وارا زخمي سامارو جو رھواسي ٻڌايا پيا وڃن. جڏھن ته فوتي نوجوان ڳوٺ جسماعيل مئيو جا رھواسي آھن. سڳن ڀائرن جي فوتگي جو اطلاع گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.