ميروخان (رپورٽ: صفر گوپانگ) ميروخان ۾ سڱاوتي معامري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل، 2 خمي. خبر موجب شهر جي بروهي پاڙي ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيو لڳڻ سبب محمد يوسف، سڪندر بروهي ۽ نظر محمد بروهي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ميروخان آندو ويو، جتان هڪ ڄڻي نظر محمد بروهي کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جي سٽ نه سهي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻن ڄڻن جو علاج جاري آهي. مقتول جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، هڪ ڄڻي جي مارجڻ بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.