ڪلائوڊ لئباريٽري: سائنسدان ڪڪرن جو سير ڪن ٿا … حفيظ ڪنڀر

0
129

  پاڻ سڄو ڏينهن سڄو سال ٿا مينهن مينهن ڪريون. جي مينهن نه وسي ته به ڦاٿو جي گهڻو وسي ته به خلق ڦاٿي . نه نيڪال جا رستا نه انفرااسٽرڪچر نه حڪومت ۾ لڇڻ نه قدرتي لنگهن تي قبضو ڪندڙن کي حيا شرم اک جو مرم.. پاڻ وارا ڏوڪرا ڪڪرن ۾ اکيون وجهي ويٺا هوندا آهن پر انگريزن جا ڏوڪرا ڏوڪريون ڪڪرن ۾ هٿ وڃيو وجهن. هاڻي هي جيڪي فوٽو پيا ڏسو سو جهاز ٻهاز ڪونهي. اها ڪڪرن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ خاص ٺهيل لئباريٽري آهي. جنهن کي ڪلائوڊ لئباريٽري چئجي ٿو. جنهن ۾ گورن جا پوڙها پوڙهيون چڙهيو پيا ڪڪرن جو سير ڪن ۽ انهن جي سائنسي ڄاڻ گڏ ڪن. هتي پاڻ واري ڦوڪ لور يا لوڪ ڏاهپ جا پساهه پورا ٿيو وڃن.. لوڪ ڏاهپ هنن وٽ به هئي پر علم کي جيئن پوءِ تيئن جديد ڪندي ڪندي وڃي ڪڪرن ستارن گرهن تي ڪمند وڌائون هنن جا ڪمند ٻيا پنهنجا ٻيا. هنن جا ڪمند آسماني جسمن جسن تي پنجوڙ آهن پاڻي وارا ڪمند حاجت روا ڪرڻ لاءِ سو به جنهن کي نصيب ٿئي. توکي مايوس ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي پر دنيا جي بازار ۾ علم به هڻي کڻبو آهي، هي لئباريٽري سائنسي ساز سامان سان ڀريل آهي جنهن ۾ ليزر ڪڪرن جي شڪل نوٽ ڪري ان جي ماپ ڪري ٿو ۽ ٻيو ڪو اوزار وري مٿي هوا ۾ پاڻي جي ڦڙن جي سائز ۽ گهاٽائي يا density ماپي ٿو. اهي ئي ڪڪر ٺاهين ٿا هي لئب ايئر شپ جيئن ڪڪرن ۾ ٽٻي هڻي ٿو ته سائنسدان تجربو شروع ڪري اوزارن سان پاڻي جي پهرين ڦڙي جي سائنسي پيمائش ٿا ڪن، نمي سئو سيڪڙو به هجي ٿي ريسرچر هتي فريش هوا جا مزا ٿا وٺن، ڪڪرن جو سير سائنسدان ڪري ٻاهر اچي گڏ ڪيل ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ لئباريٽري ۾ ئي ڪن ٿا، جنهن ڪڪر جي جاچ ڪئي ٿي وڃي اهو فرض ڪريو جيڪڏهن ويھه ملين ڪيوبڪ ميٽر جي حجم جو آهي ته ڪڪر جي حجم ۽ سائز مان ان جي وزن ۽ هر ڦڙي جي density  يا گهاٽائي جو حساب ڪندا آهن ننڍي ڪڪر جو به چار ٽن وزن هجي ٿو، ڪڪرن جي ايتري جسامت باوجود اهي ھوا کان مٿي ايستائين ترندا رهن ٿا جيستائين پاڻي جا ڦڙا ڳرا يا وزني نه ٿين ۽ پوءِ بارش ٿي پوي (فيس بوڪ وال تان)