عوامي سجاڳي واري سياسي لھر اڀارڻ گهرجي … نثار ٻرڙو

0
234
عوامي سجاڳي واري سياسي لھر اڀارڻ گهرجي ... نثار ٻرڙو

  عوام جي سياسي تعليم ۽ تربيت جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. عوام کي اھو باور ڪرايو ويو آهي ته توهان جو بچاءُ ذات پرستيءَ ۾ آهي.اسان جون انقلابي پارٽيون جيڪي عوام جي سياسي سکيا جو سبب بڻبيون آهن، تن جون سرگرميون محدود ٿي چڪيون آهن. مان پاڻ کي به ڏوھي قرار ڏيندس اھڙي ماحول ۾ ايڊجسٽ ڪري، ڪمپرومائيز ڪري، حدون مقرر ڪري ھلان ٿو. مون جھڙا کوڙ ڪردار سنڌ ۾ موجود آهن. ڪي اجتماعي فورمن تي آھن ته ڪي انفرادي روپ ۾ آھن.

                         ڪنھن زماني ۾ اسان جھڙا ماڻهو فل ٽائيم ورڪر طور عوامي سجاڳيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا ھياسين. پر اڄڪلھه اھي سرگرميون محدود ۽ پارٽ ٽائيم سرگرميون آهن. پوءِ ڇو نه اھڙيون حالتون پيدا ٿينديون.اسان سسٽم کي ڏوھه ڏئي يا وڏيرڪي نظام کي ڏوھي بڻائي، پنھنجو پاڻ کي ھر ذميواري کان آجو ڪري ٿا ڇڏيون. ڄڻ بس ميار لاھڻي آهي. سسٽم ته پنھنجو ڪم ڪري ٿو پر اسان پنھنجو سسٽم مخالف ڪم ڇڏي چڪا آھيون يا پارٽ ٽائيم جاب وارو ڪم ٿا ڪريون يا رڳو فيس بوڪ تي ڀاشڻ ڏيڻ ۾ مصروف آھيون. اسان کي حقيقي عوامي سجاڳي واري سياسي لھر اڀارڻ جي ھڪ ڀيرو وري شدت سان ضرورت آهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)