اشو آف دي ڊي … انبن جو مليو، صحافين کي دعوت نه ملي ته مينگو فيسٽيول ئي تڪراري بڻائي ڇڏيو

0
260

 ميرپورخاص ۾ مينگو فيسٽيول 4،3،2 جون تي رهيو آهي پر ان کان اڳ ئي مينگو فيسٽيول تڪراري بڻجي ويو آهي سوشل ميڊيا تي مينگو فيسٽيول بائيڪاٽ جي مهم هلائي پئي وڃي اتي وري مينگو فيسٽيول جي ڪاميابي لاءِ به مهم هلي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته ڪجهه صحافين کي مينگو فيسٽيول جي دعوت ناهي ملي ۽ ميلي جي انتظامي ڪاميٽي ۾ انهن کي شامل ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري هنن بائڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ميلي کي انتهاپسندي جو رنگ ڏئي ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو پيو وڃي ته شهر ۾ بنيادي سهولتون ناهن اهڙي صورتحال ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري مينگو فيسٽيول ڪيئن ڪري سگهجي ٿو فيسٽيول ۾ راڳ وغير به نه ٿيڻ گهرجي. ان حوالي سان شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مينگو فيسٽيول ۽ انتھاپسندن جا اعتراض، ميرپورخاص جنھن کي سڄي دنيا ۾ انبن جو ضلعو ڪري ليکيو ويندو آھي، اتي اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين انبن جي نمائش لڳندي رھي آھي، ان نمائش ۾ شھرين جي تفريح لاءِ جھولا، کاڌ خوراڪ جا اسٽال ۽ محفل موسيقي جي محفل ٿيندي رھي آھي. ھن سال ڪجھه انتھاپسند ۽ ھڪ مخصوص ٽولي سان تعلق رکندڙ ڪجھه فرد رات کان وٺي سوشل ميڊيا تي ڀنڊي ٻاري ويٺا آھن تھ ھو آبادگارن کي انبن جي نمائش ڪرڻ نه ڏيندا ۽ راڳ جي محفل ٿي ته ان اڳيان ڌرڻو ھڻنداسين. ھن سنگت کي ھاڻ ڪير سمجھائي تھ بابا ھن قسم جا فيسٽيول مسلم ملڪ ملائيشيا، پاڙيسري ملڪ انڊيا سميت پاڪستاني قونصل خانا پڻ ٻين ملڪن ۾ به منعقد ڪن ٿا. زراعت کاتي، باغباني واري کاتي جو جيڪو ڪم آھي، ھو اھو ڪندا، ڪير چوي ته ھارٽيڪلچر وارو کاتو اسان کي گئس، بجلي ۽ روڊ فراھم ڪري ته اھو ڪم ان جي وس ۾ ناھي. باقي رھي راڳ رنگ جي محفل ته اھو سنڌ جي ڪلچر جو حصو آھي، ھي افغانستان يا وزيرستان ناھي، جتي اوھان چار پنج ڄڻا ارھه زورائي سان سڄي عوام مٿان پنھنجا فيصلا مڙھيندا. اعتراض ڪندڙن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اهي صحافي آهن، جنهن تي حيب ڪانهيو لکيو ته انهن جا انب بند ڪيا وڃن، فهد سلطان چانڊيو لکيو ته اصل تڪليف مينگو فيسيول جي ناهي پر پريس ڪلب ميرپورخاص ۾ ايندڙ تبديلي جي تڪليف آهي ميرپورخاص پريس ڪلب مينگو فيسٽيول کي ڀرپور ڪوريج ڪنداسين ٻئي پاسي جنهن کي هن وقت شهر جي روڊن ۽ ٻين مسئلن جي ياد آئي آهي اهي ٻدائن ته هن کان پهرين پريس ڪلب جي نالن تي جن روڊن جا ٺيڪا کنيا انهن روڊن جي هن وقت ڇا صورتحال آهي ڇا انهن روڊن ۾ ڪرپشن ناهي ٿي؟ مينگو فيسٽيول کان اڳ اهي سڀ ستل هئا؟ شهر جا مسئلا ياد نه هئا پر هينئر سڀني کي شهر جا مسئلا ياد اچي ويا؟ سڀ مفادن جي جنگ آهي، شهر جو عوام ۽ شعور وارو ماڻهو سڀ سمجهي ٿو، دلدار لغاري لکيو ته راڳ کي ڪڍي ڇڏجي ته باقي زندگي ڇا آهي؟ ڪامريڊ عبيد بنگلاڻي لکيو ته ڀلي دانهون ڪن اسان ڳائي وڄائي اينداسين، حاجي حسين بخش لغاري لکيو ته مينگو فيسٽيول لازمي آهي، محمد عثمان پنهور لکيو ته ميلا ملاکڙا راڳ رنگ ثقافت نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندو، انب ڏسبا، کائبا ۽ ڳائبا انتهاپسندي بلڪل بند، نڪي گند محفل جو مان رکبو. امجد علي رستماڻي لکيو ته هي اعتراض آئون سمجهي سگهان هن جي حمايت نٿو ڪيان پر منهنجي ذاتي راءِ مطابق ڏٺو وڃي ته هنن جو اعتراض ڪنهن حد تائين درست به آھي اها ڳالهه الڳ آھي ته هر کاتي جو ڪم ۽ ذميواريون الڳ الڳ آھن پر پئسو پوءِ به عوام جي ٽيڪس جو آھي گلوڪار گهرائي ڳائڻ وڄائڻ سمجهه کان مٿي  آھي انبن جي نمائش تائين ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر باقي ايترو خرچ ڪرڻ فضول آھي. موهن لال لکيو ته دراوڙ اتحاد جو چيئرمين به مخالفت ۾ پوسٽ رکي آهي، ۽ اهو چيئرمين شيڊول ڪاسٽ جي نمائندگي ڪندڙ آهي. يوسف لغاري لکيو ته ڇو ھتي به ڪي انتھا پسندي واري سوچ رکن ٿا ڇا. فتح خان کوسو لکيو ته انبن جون ڪجهه پيٽيون باسيو متان پوءِ راضي ٿي پون. پير حماد سرهندي لکيو ته مينگو فيسٽيول لڳڻ کپي. انبن جي نئين پراڻن جنسن تي مقالا ڳالھه ٻولھه پيداوار وڌائڻ، بيمارن کان بچاءِ لاءِ اپاءَ، ڪولڊ اسٽوريج تي سائنسي ۽ ڪاروباري انداز ۾ بحث مباحثا صلاحون مشورا ٿيڻ کپن.نصير گوپانگ پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ توڙي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌين کي سوچڻ کپي ته انھن جي ڌرتي ۽ سنڌي سماج آخر ڪيڏانھن پيو وڃي .؟؟ انتھاپسندي جي انتھا ته ڏسو ، اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کان ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ مينگو فيسٽيول ۽ ان موقعي تي رٿيل راڳ جي محفل جي ھن سال مخالفت ڪئي پئي وڃيهيرالال پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميرپورخاص ۾ مينگو فيسٽيول ٿيڻ گهرجي. جيڪو گذريل 60 سالن کان ٿيندو اچي پيو. رهي ڳالھ ناچ گانن جي ته پوءِ سڀ کان پهرين هٿ ۾ کنيل موبائيل کي ڦٽو ڪيو ڇو ته انهي ۾ سڄو ڏينهن نه چاهيندي ۾ الاهي ڪٿان گانا ۽ ڊانس ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ اچيو وڃي. بند ڪرايو ٽي وي ۽ ڊش ٽي وي جنهن تي گهرن ۾ سڄو ڏينهن رقس ۽ گانا هلن ٿا. وڏا شاپنگ مال بند ڪرايو جتي ٿري ڊي، فور ڊي سينيما حال تي انگريزي فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. بند ڪرايو شادي حال جتي پڻ شادي جي تقريبن ۾ گانا بجانا ڪيا ويندا آهن. بند ڪريو گهر ۾ ووهان ۾ ٻڪي، ونها، مهندي جون رسمون جتي ڀيڻون، ڀاڄايون گهر جون ننڍيون وڏيون خوشي مان گيت، سهرا ڳائي رسمن جو افتتاح ڪنديون آهن . سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي. هتي رهڻ وارا سڀئي امن کي پسند ڪن ٿا. مهرباني ڪري پنهنجي ذاتي انا جي ڪري ميرپورخاص شهر جيڪو هڪ پر امن شهر آهي تنھن کي اوڙاه ۾ نه اڇلايو، نورمحمد مري به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئيپنهور سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گُزريل ٻن سالن کان ميرپورخاص جو قومي سطح تي مينگو فيسٽيول لڳو ڪونه، ھي ٽيون سال آهي جو اسان سنڌ سوغات سپلائرز جي طرفان مينگو فيسٽيول ۾ پنھنجو انبن جي مُختلف ورائيٽيز سان گڏ انبن جو  اسٽال بُڪ ڪرايو آهي، مٿان وري ڪجھه ھمرا ھليا آهن ته مينگو فيسٽيول جو بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ ڀلا مينگو فيسٽيول جو بائيڪاٽ ڪرڻ وارئو اھو ته ٻدايو زميندار ماڻھو مُلڪي سطح ليول تي سال ۾ لڳندڙ مينگو فيسٽيول ۾ پنھنجي انبن جي   نمائش نه ڪندو ته پو ٻيو ڇا ڪندو؟ايم هاشم شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميرپورخاص شهر کنڊر بڻيل آهي، نه بجلي، نه گيس، نه صحت ، نه تعليم، انتظاميا پاران مينگو فيسٽيول ملهائڻ خلاف پورو شهر اٿي پيو، سياسي سماجي مذهبي شخصيتن مينگو فيسٽيول جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو، بائيڪاٽ جو سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلي رهيو آهي، ميرپورخاص جا ڪجھه دوست مينگو فيسٽيول جي حوالي سان ميرپورخاص جي شھرين پاران ھلندڙ سوشل ميڊيا جي ٽرينڊ کي غلط رنگ ڏئي کين انتھا پسند چئي رھيا آھن جنھن ۾ ھڪ ٻه صحافي دوست به شامل آھن. ميرپورخاص جا شھري انتھا پسند نه آھن، مخصوص فرمائش کان پاسو ڪيو وڃي، سمورين ڌرين جي صلاح مشوري سان فيسٽيول لڳڻ گهرجي ته جيئن تنقيد به نه ٿئي.ابراهيم ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  انتھاپسند ٽولي کي اڳيان آڻي ميرپورخاص ۾ سالن کان لڳندڙ  انبن واري نمائش روڪڻ جي ڪوششن جي نندا ڪجي ٿي، ھن نمائش کي روڪرائڻ جي لاءِ جيڪي ونگاري ونگار پيا وھن اھي ڪا خدمت نه پيا ڪن پر اھڙو فرقيواريت وارو ماحول پيا پيدا ڪن جنھن سان صورتحال خراب ٿيندي، ھڪڙو پاسو اھو به آھي ته پريس ڪلب ميرپورخاص جو سنڌي صدر نذير پنھور، شاھد خاصخيلي به ماڻھن جي اکين ۾ ڪنڊو ٿي لڳا آھن، انھي جي ڪري سندن ئي صحافي دوست ٻي جي ونگار ويھي ھن سموري معاملي کي تڪراري بنائي رھيا آھن.مصطفيٰ مهراڻ ٽوئيٽ ۾ تصويرون شيئر ڪيون جنهن هڪ تصوير عمر افغان جي پوسٽ جو اسڪرين شاٽ هو جنهن ۾ لکيل هو ته ميرپورخاص پريس ڪلب جي صدر ميرپور خاص يونين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر راشد سليم، ايوان صحافت ميرپورخاص جي سرپرست هاشم شر ميرپورخاص جي عوام جو آواز بڻجندي تڪراري مينگو فيسٽيول ميرپورخاص جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ شهرين جي حقن لاءِ گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو آهي. مصطفيٰ مهراڻ لکيو ته فيسٽيول هر سال لڳندو آهي فيسٽيول ۾ سنڌي ڪلچر ۽ موسيقي جو پروگرام ناڪام بڻائڻ ۽ فساد ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. جئي پرڪاش موراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھاڻي ته ھر حال ۾ ميرپورخاص واري انبن جي نمائش ۽ راڳ رنگ جي محفل ٿيڻ گھرجي اھو امتحان آهي سول سوسائٽي سڄاڻ ڌرين ۽ سنڌ جي سھپ واري سڃاڻپ جو ڏسون ته ڪير ٿو کٽي؟