ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم ) پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي شھر گووا ۾ شنگهائي ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءَ  ڪراچي پھتو،  ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته مون ڀارت ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو ڪيس رکيو، منهنجو  دورو ڪامياب رهيو، ڪشمير  سميت ٻيا گڏيل مامرا ساڳي طرح رهيا، اسان يو اين جي قرارداد موجب اسان پنهنجن اشور ۽ ڀارت پاران  ٿيندڙ خلاف ورزي بابت ڳالهه  ڪئي، بي جي پي ۽ آر ايس ايس سڄي دنيا جي مسلمانن کي دهشتگرد قرار ڏين ٿيون، اسان انهي تاثر  کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  ھن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ  ۽ قومي سطح تي هندو برادري جي اسيمبلي ميمبر ۽ وزير مقرر ڪيا آهن، ڀارت ۾ وڏي انگ ۾ مسلمان آباد هوندي  ڪنهن به ايوان ۾ هڪ به مسلم ناهي مون ڀارتي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي بي جي پي جي هندو توا واري اشو تي پنهنجو  موقف رکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، هن چيو ته  اسان ڀارت جي وزير سميت سمورن  ڪانفرنس ۾شريڪ مختلف ملڪن جي  پرڏيهي وزيرن سان گڏيل دلچسپي وارن مامرن تي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان ڀارت ڳالهيون لازمي ٿيڻيون آهن، اڄ نه ته سڀاڻي اهو ڏينهن ضرور ايندو، هن چيو ته مون 11 سالن کانپوءِ  ڀارتي ميڊيا معرفت ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو، هن وقت ڀارت ڪوڙو بيانيو بيان  ڪري رهيو آهي، اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي  وڃي ته هر مسلمان دهشتگرد آهي، مون سندن سامهون ويهي چيو ته اوهان ( ڀارت ) جو بيانيو ڪوڙو آهي ، اڳ ۾ دنيا ۾ جتي به دهشتگردي ٿيندي هئي، ان ۾ مسلمانن کي ملوث ڏيکاريو ويندو هو،  وقت انهي پروپئگنڊا کي ڪوڙو ثابت ڪيو، اهو هاڻ اهو بيانيو پراڻو ٿي چڪو آهي، حقيقت ۾ پاڪستان پاڻ هشتگردي جو سب کان وڏو شڪار رھيو آھي، هن چيو ته  اسان ڪشمير معاملن تي  ڀارتي بيانئي کي رد ڪيو، جنهن تي  ڀارتي پرڏيهي وزير کي ڪاوڙ لڳي، ھن چيو ته سياسي پارٽيون ۽ انهن  جون قيادتون ذميدار هونديون آهن ، ڪنهن وزير خارجه جي سر تي قيمت لڳائڻ تي ٽرائل ٿيڻ گهرجي، ڀارت ۾ منهنجي سر جي قيمت لڳائڻ شرمناڪ عمل آھي اسين پنهنجي  موقف ۽ نظريي، اصول تان پوئتي نه هٽنداسين ـ اسان پنهنجو ڪيس ڀارت جي سرزمين تي وڙهون ته اهو بهتر آهي، هن چيو ته جيڪي ملڪ سي پيڪ جو حصو آهن، انھن جي وچ ۾ رابطي جو  سلسلو هلندو ته سڀني لاءِ فائدو ٿيندو، هن چيو ته  ڀارت آگسٽ 2019 جي پوزيشن تي واپس اچي ته  ساڻس ڳالهه  ٻولهه ٿي سگهي ٿي ، هن چيو ته هن خطي جو عوام امن چاهي ٿو، اسان ڪوشش ڪئي ته اڳتي وڌون،  انھي جو رستو ڊائيلاگ ۽ ٽيبل تي ڳالهين ۾ آهي ، هن چيو ته جيستائين هن خطي ۾ جيو پاليٽڪس جو حصو بڻجندا رهنداسين ته دهشتگردي جو شڪار ٿينداسون، هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي دهشتگردن خلاف هڪ ٿي ويهڻو پوندو  نه ته شڪار ٿيندا رھنداسين،  ڀارت کي ڪشمير تي قبضو ڪرڻ بجاءِ  ڪشميرين کي پنهنجو فيصلو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي  چين سميت ٻين دوستن ملڪن سان رابطو ڪري ڏيهه پهچايو

گوا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جو حصو بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي او اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي اهم علائقائي پليٽ فارم سمجهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سڀ ملڪ پراڻن، تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي ۽ جغرافيائي رشتن ۾ ٻڌل آهن، پاڪستان اصل شنگهائي اسپرٽ ۾ موجود گڏيل ترقي تي پختو يقين رکي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري ڀارت ۾ موجود آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارتي شهر گوا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي وزارتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس هال ۾ پهچڻ تي ڀارت جي پرڏيهي معاملن واري وزير جئي شنڪر بلاول جي آجيان ڪئي. ڪانفرنس جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان تاجڪ پرڏيهي وزير سراج الدين محريدين جي ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم جي جنرل سيڪريٽري جنرل جينگ منگ سان ملاقات به ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي شنگهائي تعاون تنظيم جي قيادت جي ويئن تحت پاڪستان جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو.