اسلام آباد (م ڊ) چين جو پرڏيهي وزير چن گانگ پاڪستان پهچي ويو آهي، جيڪو ٽه ڌريي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. چينن جي پرڏيهي وزير جو عهددو سنڀالڻ باعد پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي ۽ پرڏيهي آفيس جي عملدارن سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي کاتي جي بيان موجب چيني پرڌيهي وزير چنگ گانگ ۽ افغانستان جو پرڏيهي وزير امير خان متقي پاڪستان جي دوري دوران 6 مئي تي پنجين چين، پاڪستان ۽ افغانستان ٽه ملڪي پرڏيهي وزيرن جي ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا. ان کان سواءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ چن گانگ پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪندا، ٻئي ڌريون اسٽريٽجڪ ڪو آپريٽو پارٽرنرشپ جي منظوري ڏيندا.