اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزير رانا ثناءُ الله سان پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي آهي، گهرو وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاڪ سعودي ٻطرفن تعلقات سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين مامرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي معاهدي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، معاهدي کي حتمي شڪل ڏئي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ سعودي عرب جو نائب گهرو وزير ان معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي لاءِ جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، ان پراجيڪٽ تحت حاجين کي آسان ۽ بنا رڪاوٽ جي اميگريشن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان منصوبي جو آغاز اسلام آباد ايئرپورٽ کان ڪيو ويندو، هن سال 40 هزار حاجي ان منصوبي مان فائدو حاصل ڪندا.