ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ انڊس هاءِ وي تي نامعلوم ڦورن ھندو واپاري کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي چاقو ھڻي ھندو واپاري نرمل داس کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڦر دوران موقعي تي موجود پوليس اهلڪار حضور بخش سيال بھادري جو مظاهرو ڪندي ڦورن سان مھاڏو اٽڪايو ۽ ھڪ ڦورو کي سوگهو ڪري ورتو، جڏهن ته 2 جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، زخمي واپاري کي خانگي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي.