مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڪانڌڙا ڪالوني ۾ زمين جي معاملي تان ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، لٺين، ڪھاڙين، ڪوڏرن ۽ سروٽن جي استعمال سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ ايڊووڪيٽ بابر علي ڪلھوڙو، توفيق ڪلھوڙو، بدرالدين ڪلھوڙو، خان محمد، لال ڪلھوڙو ۽ ٻيا شامل آھن جن کي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي خان محمد ڪلھوڙو ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ زمين آھي جنھن جي مالڪي تان برادريءَ جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ آهي جن حملو ڪري اسان جي 7 ماڻهن کي زخمي ڪيو آهي. ھن چيو ته ڪلھوڙا برادري جي نيڪ مردن ٻنھي ڌرين کي صبر سان رھڻ جو چيو ھو ته جيستائين ماپ نه ٿئي تيستائين ڪا به ڌر اڳرائي يا ان زمين جي دعويدار نه ٿيندي ۽ اسان راضپو ڏيکاريو ھو پر اڄ مخالفن اسان مٿان حملو ڪيو آھي. ھن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جھيڙو ڪندڙ ڌر مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.