رتوديرو (ن پ ا) رتيديري لڳ ڌنار کان مبينا ٻڪريون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي زخمي. خبر موجب زنگيجا ڳوٺ ڀرسان ٻڪريون چاريندڙ 23 ورهين جي پرويز شر کان ٻن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ٻڪريون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربندن کيس گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو آندو ويو، جتان کيس لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته شر ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڏيتي ليتي تان واقعو پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.