ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو اغوا ٿيل 3 ڄڻا بازياب نه ٿيا، سندن گهرن ۾ ڪهرام متل، ڪچي ۾ آپريشن، ڏوهارين جي گهرن کي باهيون، پوليس ناڪام ٿي موٽي آئي. خبر موجب هٿياربندن هٿان هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل عبدالسبحان بجاراڻي کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته نوجوان جي اغوا واري واقعي جو به اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿيو، هوڏانهن ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل دلمراد نندواڻي به بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، ٻئي پاسي اغوا ٿيلن جي بازياب لاءِ پوليس پاران ڪچي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو پر مغوي بازياب نه ٿي سگهيا، جڏهن ته ڪارروائي دوران پوليس اوڳاهي برادري سان تعلق رکندڙ ڏوهارين جا 3 گهر باهه ڏئي ساڙي ڇڏيا.