رتوديرو (ن پ ا) پنج ڏينهن اڳ بنگلديرو شهر مان چورن پاران الطاف ڀٽو جي واڙي مان چوري ٿيل 6 مينهون واپس نه ٿيڻ خلاف ڀٽا برادري جي ماڻهن انڊس هاءِ وي تي پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي سڪندر ڀٽو، وقار ڀٽو، ڪفايت ڀٽو ۽ ٻين چيو ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس چوري تيل مينهون واپس ناهن ڪرايون، هنن چيو ته پيرا لڳڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل 6 مينهون واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هڪ ڪلاڪ بعد ايس ايڇ او ڌرڻي ۾ پهتو، هن چيو ته جتي پيرا لڳا آهن اتان هڪ شڪي گرفتار ڪيو آهي، چوري ٿيل مينهون جلد واپس ڪرائينداسين.