خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ رمضان آرڊيننس تي عمل نه ٿي سگهيو، پنجگلا چوڪ، مال روڊ، ڪچهري روڊ، سوڪ سينٽر، پنجهٽي ۽ ٻين علائقن ۾ قائم هوٽل، دليم، برياني، سموسن پڪوڙن سميت عام واهپي وارا ريڙها سري عام کُليل آهن. مولانا عبدالقيوم حيدري، مولانا عبدالڪريم مري، مولانا عبدالوهاب ڦلپوٽو، اسد عباسي، نويد ميمڻ، علي احمد ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه جي بي ڌياني سبب رمضان مهيني جي تقدس جو به خيال نه پيو رکيو وڃي.