پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ۽ آس پاس ۾ گيسٽرو ۾ واڌ اچي وئي آهي، ھڪ ئي ڏينهن تي پيرجوڳوٺ اسپتال ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي گيسٽرو سبب آندو ويو جتي مريضن جي وارثن علي محمد. غلام علي ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته گيسٽرو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي پر آر ايڇ سي پيرجوڳوٺ انتظاميا اسپتال. لاءِ آيل دوائون پرائيويٽ اسٽورن تي وڪرو ڪيون پيون وڃن ۽ اسان کي هڪ ٽڪي به نه ٿي ڏني وڃي. ايم ايس ڊاڪٽر در محمد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي جيڪي مٿان کان سهولتون فراهم ڪيون اسان اهي مريضن کي ڏئي رهيا آهيون. مريض اسان مٿان غلط الزام هڻي رهيا آهن