ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ۾ رمضان جو احترام توڙي ڪورونا جو خوف ختم، شهر ۾ ڪڪڙن جي ميل جاري، رات جي پهر ۾ هلندڙ ڪڪڙن جي ميل تي خفتين جا ڪٽڪ لٿل. خبر موجب رمضان شريف جو ڀلارو مهينو ۽ ڪورونا جي خطرناڪ صورتحال باوجود ڪرمپور ۾ ڪڪڙن جي ميل هلي رهي آهي، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب رات جو ڪڪڙن جي ميل تي مختلف علائقن جا سوين خفتي ڪڪڙ کڻي پهچن ٿا، جتي لکين رپين جي شرط لڳائي وڃي ٿي. ٻڌايو پيو وڃي ته انتظاميا ۽ پوليس جي آشيرواد سان هلندڙ ڪڪڙن جي ميل تي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندي ماڻهن جا هجوم پهچن ٿا. ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار جي ٽيم پهتي ته ميل ٻاهران بيٺل پوليس اهلڪارن کيس ڪوريج ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ باوجود ڪرمپور پوليس ان حوالي سان موقف ڏيڻ کان لنوائي وئي.