اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم وزيراعظم جي چونڊ سڌارن لاءِ تعاون واري آڇ رد ڪري ڇڏي، پي ڊي ايم جي وقتي ترجمان حافظ حمد الله چيو ته چونڊ سڌارن جي ڳالهه اهو عمران ڪري ٿو، جنهن جي حڪومت دانڌلي جي گندي ڍير تي بيٺل آهي، عمران خان کي دانڌلي جي بدبودار ڍير تي چوڪيدار ڪري ويهاريو ويو آهي، پهرين ملڪ ۽ قوم کي هن چوڪيدار ۽ دانڌلي جي گندي ڍير کان نجات ڏيارڻ ضروري آهي، هن چيو ته چئني صوبن جي ضمني اليڪشن ۾ عوام پي ٽي آءِ کي شڪست ڏئي ڇڏي.عمران خان چونڊ سڌارن جو ليڪچر ڏئي بي وقوف بڻائي رهيو آهي.