ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ۾ اهلڪار ٻارڙي مٿان ڪار چاڙهي ڇڏي، چيڀاٽجي فوت. خبر موجب شهر واسي پورهيت باسط نصيراڻي جي 8 ورهين جي نياڻي ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس اهلڪار سميع الله جتوئي ڪار پوئتي ڪري رهيو هو ته ٻارڙي مٿان چڙھي وئي، جنهن ۾ نينگري چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.