ٽنڊو باگو/ڪنڌرا (نمائندن وٽان) ٽنڊو باگو ۽ ڪنڌرا ۾ ڪتن ٻن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. خبر موجب ٽنڊوباگو لڳ خان شاھ درگاهه ڀرسان زمين تي وڻ پوکيندڙ پورهيت حاجي ملاح کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، پورهيت کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس ويڪسين ڪئي وئي. ڪنڌرا لڳ ڳوٺ باغ فتح علي شاهه ۾ڪتن 5 ورهين جي نينگر احسان مڱريو کي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.