سرهاري (ن پ ا) سرهاري ڀرسان ڳوٺ سيوو زرداري رهواسي 16 سالن جو نينگر لنڊو شاخ ۾ ٻڏي ويو جنهن جي خبر پوڻ تي نينگر جي وارثن ٻڏي ويل نينگر کي شاخ مان ڪڍي شھر جي خانگي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي نينگر جي مامي فقير غلام حيدر زرداري ٻڌايو ته نينگر جو ذھني توازن درست نه هو شاخ جي ڪپ تي پير ترڪڻ سبب شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.