ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو ڳوٺ گل حسن نندواڻي ۾ قتل ٿيل پيرسن واحد بخش ڀٽو جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس سندس ڀاءُ رسول بخش ڀٽو جي فرياد تي ڪرمپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ الله داد ڀٽو، چنيسر، قاسم، مدد علي ڀٽو سميت ٻن اڻسڃاتلن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پوليس ڪيس داخل هجڻ باوجود ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.