شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروهي) ٽي ھفتا گذري ويا، آپريشن شروع نه ٿي سگھيو، پوليس جي ڪارروائي، 7 ڄڻا مبينا گرفتار، ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ ٻيھر اڻ اعلانيل ڪرفيو، تفصيل موجب آپريشن دوران شھيد ٿي ويل ٻن پوليس اھلڪارن ۽ فوٽو گرافر جي قتل ۾ ملوث جوابدار ٽي ھفتا گذري وڃڻ باوجود گرفتار ناھن ٿي سگھيا ۽ نه ئي وري ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ٿي سگھيو آھي، ذريعن موجب ڳڙھي تيغو ۾ پوليس اھلڪارن جي شھيد ٿيڻ کانپوءِ پوليس جون ڪارروائيون جاري آھن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوئيٽا ۾ مزدوري ڪندڙ ڳوٺ سوناري تيغاڻي جي رهواسين امام بخش، بلاول، شوڪت، احسان ۽ جهانزيب تيغاڻي سميت 7 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کي نامعلوم هنڌ رکيو ويو آهي، گرفتار نوجوانن جي وارثن جو چوڻ آھي ته پوليس مزدوري ڪندڙن کي بيگناهه گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس رابطو ڪرڻ تي نوجوانن جي گرفتاري کان اڻڄاڻائي ظاھر ڪري ڇڏي، ھوڏانھن پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڙھي تيغو ۾ اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو ڪري ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند ڪرائي ڇڏيا، علائقي واسين کي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويندو، جنهن لاءِ ڪير به پنهنجي گهر کان ٻاهر نه نڪري.