ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو ڳوٺ علي بخش بجاراڻي ۾ فصل جي ڀيل تان چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ گلاب چولياڻي، ڳهڻو، مسمات نظيران ۽ صحت خاتون شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.