ورڪشاپ(ن پ ا) منگلي پوليس پاران ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿڪڙيون هڻي اوطاق تي رکڻ جو انڪشاف، ھٿڪڙيون لڳل ٽن نوجوانن جون اوطاق واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد منگلي پوليس کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. ورڪشاپ ويجهو جمڙائو لڳ ھڪ ڏينهن اڳ ڳوٺاڻن پاران پڪڙي پوليس حوالي ڪيل محمد حنيف، گلشن پتافي، عبدالطيف پتافي، جي منڍ جمڙائو پوليس ٿاڻي تي گرفتاري ظاھر ڪرڻ بدران بااثر جي اوطاق تي ھٿڪڙيون ھڻائي رھائڻ لڳي، جوابدارن مٿان سول ڪپڙا پهريل به پوليس اھلڪار مقرر ڪري ڇڏيا، گرفتار ٽئي جوابدار گهوٽڪي ضلعي جا ٻڌايا پيا وڃن. علائقي واسين موجب جيڪي ڪنهن ڏوهه جي ارادي سان منڍ جمڙائو آيل ھئا جن ڀلجي ھڪ ڳوٺاڻي کي جان سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مقامي ماڻهن گڏجي کين پڪڙي منڍ جمڙائو پوليس حوالي ڪيو علائقي ۾ اھي چوٻول پڻ ھلندڙ آھن ته منڍ جمڙائو پوليس ڳري رشوت عيوض جوابدارن کي ڇڏڻ جي لاءِ ٿاڻي بجاءِ بااثر جي اوطاق تي ميڊيا کان لڪائي رکيو جتي مقامي پريس ڪلب ورڪشاپ جي صحافن کڙڪ پوڻ تي اوطاق تي پهچي پوليس پاران باندي بڻايل مبينا طور ٽن جوابدارن جون وڊيوز ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون. وڊيو وائرل ٿيڻ باوجود پوليس جي ڪنهن به اعليٰ عملدار نوٽيس نه ورتو.